ڪراچي/ ملير (نمائندن وٽان ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جهانگير ترين هاڻي گھڻي دير تائين پي ٽي آءِ جو حصو نه رهندو، مون سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪراچي جي اسپتالن، جناح ، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ جو معاملو اٿاري چيو ته صوبائي حڪومت اسپتالن کي صحيح طريقي سان هلائي رهي هئي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ صوبائي حڪومت کي اسپتالون هلائڻ لاءِ چيو آهي، جنهن تي وزيراعظم پنهنجي صحت بابت خاص معاون کي معاملا حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون سي سي آءِ جي اجلاس ۾ وزيراعظم آڏو آدمشماري وارو معاملو به اٿاريو، مون اجلاس کي ٻڌايو ته چئن صوبن کي آدمشماري جي نتيجن بابت خدشا آهن، اڳ ۾ ٿيل اجلاس ۾ انهي ڳالهه تي اتفاق پڻ ڪيو ويو هو ته آدمشماري جي 5سيڪڙو بلاڪن جي تصديق ڪئي ويندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت معاملو حل ڪرڻ لاءِ آدمشماري جو نئين سِر جائزو وٺڻ اعلان ڪري. هن چيو ته سي سي آءِ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو مامرو بحث هيٺ آيو هو، جنهن لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گذريل سال رپورٽ جمع ڪرائي وئي هئي پر اڃا تائين اها سي سي آءِ ۾ پيش ناهي ڪئي وئي، جنهن لاءِ مون وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته لاڳاپيل اختيارين کي اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته جيئن انهي رپورٽ پٽاندڙ فيصلو ڪري سگهجي. هن چيو ته آدمشماري جي منظوري کانسواءِ مڪاني چونڊون ٿي نٿيون سگهن جهانگير ترين جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان مسئلي تي تبصرو ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو، مون ميڊيا ۾ جهانگير ترين جو بيان ڏٺو آهي، هو پنهنجي پارٽي (پي ٽي آءِ) ۾ رتبو چاهي ٿو جيڪا هڪ فضول مشق آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي جو ڪمشنر گريڊ 21 جو وفاقي سرڪار جو بهترين سينيئر آفيسر آهي، آئون سپريم ڪورٽ پاران ڪمشنر خلاف ڏنل ريمارڪس تي ڪوبه تبصرو نه ڪندس، هن چيو ته سنڌ حڪومت گريڊ 21 آفيسرن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي اسان وٽ گريڊ 21 جي 16 آفيسرن جي جاءِ تي رڳو 5 آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن. اسلام آباد مان ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين سان وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات دوران هن چيو ته سنڌ حڪومت 3 شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران جاري ڪيل ويليوايشن ٽيبل پٽاندڙ ضروري قانون سازي ڪري رهي آهي. بل جو مسودو اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽن شهرن جي ويليوايشن ٽيبل کي طئه ڪرڻ لاءِ ايف بي آر ٽيبل سان جوڙيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ضرورتن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪري رهي آهي، وفاق ٽن سالن دوران ٽيڪس اوڳاڙڻ ناڪام رهيو آهي، وفاق کي ٽيڪس اوڳاڙيءَ ۾ صوبن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو ته جيئن ٽيڪس چوريءَ کي روڪي سگهجي. هن چيو ته وفاق 85 سيڪڙو ٽيڪس صوبن کان اوڳاڙي ٿو، گذريل 3 سالن دوران ٽيڪس اوڳاڙيءَ ۾ وفاق جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي. هن چيو ته ٽيڪس وصولين جا اختيار صوبن حوالي ڪيا وڃن ته جيئن ٽيڪس اوڳاڙي بهتر ٿي سگهي ۽ چوريءَ کي روڪي سگهجي.