حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڊي جي صحت کي مهيني دوران فوتي ملازم جي پينشن واري رقم فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. مسمات صائمه وڪيل عشرت علي لوهر معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته سندس مڙس عبدالطيف شيخ صحت کاتي ۾ اسسٽنٽ طور ملازم هو جيڪو 2020ع ۾ ملازمت دوران فوت ٿي ويو پر 2 سال گذرڻ باوجود کاتو کين مڙس جي پينشن، گريجوئٽي ۽ ٻي رقم ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.