راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شھر ويجهو مين راڄوخاناڻي تلھار روڊ تي ڳوٺ منو ملاح وٽ ٻن تيز رفتار  موٽر سائيڪلن وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ گلڻ لغاري جو 28 سالا نوجوان ارباب پٽ خدا بخش لغاري ۽ ڳوٺ عيسو ملاح جو نوجوان گلزار پٽ گلو ملاح سخت زخمي ٿي پيا، جن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي.