خيرپور (رپورٽر) سول جج خيرپور جي عدالت ۾ بي سيڪشن ٿاڻي تي پوليس مقابلي جي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. عدالت ڄاڻايل جوابدارن عمران ڪلهوڙو، احمد ڪلهوڙو ۽ بابو ڦلپوٽو خلاف قلم 87/88 تحت ڪارروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏنو. ساڳئي وقت عدالت پاران جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن.