ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سائبر ڪرائيم سميت ھراسمينٽ ۽ پنھنجو تحفظ ڪرڻ بابت سماجي تنظيم پاران 17 عورتن کي ٽريننگ ڏني وئي، جيڪي ميرپورخاص ضلعي ۾ 18 سئو عورتن کي سکيا ڏينديون، سماجي تنظيم آرٽس فائونڊيشن پاران پرڏيھي تنظيم آڪسفيم جي تعاون سان اها ٽريننگ ڏني وئي، ٽريننگ ۾ ججز عورتن لينا خالد، شانتي لال ۽ ٻين شرڪت ڪري ٽرينرز عورتن کي سرٽيفيڪٽ ڏنا.