ٺٽو (رپورٽر ) ميرپور ساڪري لڳ قديمي ڍنڍ ڇڇ ميرانخور تي ڪراچي جي بااثر ڌرين پاران مبينا طور  قبضو ڪري بند ڏياري بي دخل ڪرڻ خلاف مقامي مهاڻن  محمد قاسم ميربحر منڇرو، عبدالله  ميربحر منڇرو ۽ ٻين مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مهاڻن دانهيندي چيو ته  ڇڇ ميرانخور قديمي سرڪاري ڍنڍ  تي ابن،  ڏاڏن کان وٺي مڇي ماري ٻچن جو پيٽ گذر ڪيون ٿا،  وٽن فشريز کاتي پاران مڇي مارڻ جا لائسنس به موجود آھن  پر  ڪراچي جا بااثر ڍنڍ  جي زمين جا ڪوڙا کاتا ٺھرائي قبضو ڪري ان کي بند ڏياري اسان کي روزگار ڪرڻ نه ٿا ڏين، هنن چيوته  بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري  بيدخل ٿيڻ کان بچايو وڃي.