خيرپورناٿن شاهه(ن پ ا)  خيرپور ناٿن شاهه مهراڻ پريس ڪلب ۾ مقتول حافظ دين محمد ٻرڙو جي وارثن عبدالمجيد ٻرڙو عرف عبدالستار ٻرڙو، عبدالحليم ٻرڙو، راشد علي ٻرڙو، صدام حسين ٻرڙو، محمد ادريس ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته ٽي هفتا اڳ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جوابدارن غلام رسول ٻرڙو،  اياز ٻرڙو، عبدالرزاق ٻرڙو، وسيم ٻرڙو وارن اسان جي همراهه مسجد جي پيش امام دين محمد ٻرڙو کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو جن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي پر جوابدار هينئر تائين گرفتار نه ٿي سگهيا. ويتر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي سنگين قسم جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي. هنن وس وارن کان پرزور مطالبو ڪندي چيو جلد جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.