سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي جي مردن ۽ عورتن ٻهارا ڇڏ هڙتال ڪري سينيٽري انسپيڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن الاهي بخش، نواب شيخ، صالح شيخ، ناهيد، صنم، اسمه ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته سينيٽري انسپيڪٽر اسان کي ڌمڪيون ڏئي وڊيوز ۽ فوٽو ڪڍي بنا جواز تنگ ڪري رهيو آهي، هنن گهر ڪئي ته عبدالحفيظ مگسي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي، رابطو ڪرن تي الزام هيٺ آيل سينيٽري  انسپيڪٽر چيو ته مان ٽائون ڪاميٽي جي صفائي جي ٺيڪيدار کان صفائي لاءِ ماڻهن جي گهر ڪئي ته ان مڇرجي مون خلاف سازش ڪئي آهي. هن چيو ته مون ڪنهن به عورت يا مرد جي ڪا به وڊيو نه ڀري آهي، جڏهن ته شهر ۾ صفائي جو برو حال آهي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، هوڏانهن ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سليم جتوئي ٻڌايو ته مامري جي حل لاءِ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي صفائي عملي سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو آهي.