ٺٽو  ( رپورٽر ) ٺٽي شھر جي شاھي بازار سميت ڪچي آبادي جا اڪثر علائقا برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري گندگي ۾ اضافو ٿي ويو،  ٻئي طرف وزير اعليٰ سنڌ جي معذورن جي بحالي واري کاتي بابت خاص معاون صادق علي ميمڻ  برسات کان متاثر ٿيل شھر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي  صادق علي ميمڻ انتظاميا  کي سخت ھدايتون ڪيون ته برسات جي پاڻيءَ جو فوري طور نيڪالي ڪرائي شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي.