ڪراچي/ مٽياري (رپورٽ: نظير ميمڻ ۽ ڪامران ميمڻ) مٽياري موٽر وي اسڪينڊل جي مک ڪردارن پاران پلي بارگين جي آڇ، نيوسعيد آباد جي اي سي کانپوءِ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل جي ڪوآرڊينيٽر اسلم پيرزادو ضمانت ڪرائي ورتي: جي آءِ ٽي  پاران  وڌيڪ جوبدارن جو گهيرو تنگ، ان ڏس ۾  جي آءِ ٽي جو پهريون اجلاس اينٽي ڪرپشن چيئرمين محمد نواز شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ خادم رند،  ڊي آءِ جي ڪراچي ڏکڻ عرفان بلوچ ۽  ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهزاد فضل عباسي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪيس جي سائنسي بنيادن تي جاچ  لاءِ  سرڪاري آفيسرن ۽ سندن سهولتڪارن جون سي ڊي آر ڪڍرائڻ سان گڏ  سنڌ بينڪ، ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ ڊي سي هائوس جا سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيا ويندا، اجلاس ۾ طئه  ڪيو ويو آهي ته ملڪ مان فرار ٿيل جوابدارن جي وطن واپسي لاءِ به ڪوششون ڪيون وينديون، جڏهن ته جاچ بعد جوابدارن جا نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيا ويندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيو سعيد آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ لينڊ ايڪوزيشن آفيسر جي حفاظتي ضمانت رد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، انهي لاءِ قانوني ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، انهي معاملي جي 10 ڏينهن جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي ويندي، ٻئي طرف پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر اسلم پيرزادي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي ورتي، عدالت اسلم پيرزادي کي 7 ڏينهن ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، درخواستگذار  اسلم پيرزادي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آئون جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان پر  پوليس گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هوڏانهن آزاد ذريعن ٻڌايو ته اسڪينڊل جي مک ڪردارن پلي باگين جي آڇ ڪئي آهي، واضح رهي ته موٽر وي ڪرپشن  اسڪينڊل ۾ مٽياري  جو معطل ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشد گرفتار،  سنڌ بينڪ جو مينيجر جڙيل شاھ  ۽ ٻيا جوابدار مفرور آهن،