اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي ريلي ڪڍڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي وڪيل کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو هو ته اسلام آباد انتظاميا کي نئون خط لکو، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ پاران اسلام آباد انتظاميا کي خط لکيو ويو ته پي ٽي آءِ ڪورال چوڪ اسلام آباد کان  روات تائين ريلي ڪڍڻ چاهي ٿي، جنهن لاءِ اين او سي جاري ڪئي وڃي، اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ اڳواڻ علي نواز اعواڻ جي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد سان ملاقات کان پوءِ ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ريلي کي پرامن بنائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا 35 شرط رکيا آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته ريلي جي اجازت صرف ڪورال چوڪ کان روات تائين هوندي، ڪو به روڊ ڪنهن به صورت ۾ بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي هرگز نقصان نه پهچايو ويندو، ريلي ۾ رياست، مذهب، نظريه پاڪستان جي خلاف نعرن ۽ تقريرن جي اجازت نه هوندي، ريلي ۾ هٿيار، اسلحي ڏنڊا کڻي اچڻ جي پڻ اجازت نه هوندي، ريلي جي لاءِ اسلام آباد ٽريفڪ پوليس باقاعده ٽريفڪ پلان جاري ڪندي، جيڪڏهن شرطن جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، واضح رهي ريڊ زون ۽ باقي علائقن ۾ قلم 144 لاڳو رهندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ راولپنڊي پهچڻ کان پهريان ئي وفاقي پوليس پي ٽي آءِ لانگ مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ مڪمل تياري ڪري ورتي، ذريعن مطابق اسلام آباد پوليس مظاهرين سان غير روايتي طريقن سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سيڪيورٽي اهلڪارن کي 567 آنسوگيس گنز ۽ 50 هزار کان وڌيڪ شيل فراهم ڪيا ويا آهن، 500 رٻڙ جي گولين واريون گنز 37300 رٻڙ وارا ڪارتوس، 17 پيپر گن، 11000 پيپر بال به اهلڪارن جي حوالي ڪيا ويا آهن، مظاهرين جي نشاندهي ۽ گرفتاري لاءِ ٽيمن کي اسپري پينٽ به ڏنا ويا آهن، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز ۽ سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي به تيار رکيو ويو آهي، اسلام آباد پوليس کانسواءِ 5000 رينجرز اهلڪار، سنڌ پوليس جا 500 اهلڪار، 4700 ايف سي جا اهلڪار به اسلام آباد پوليس سان گڏ مختلف جاين تي مقرر ڪيا ويا آهن، آفيسرن سميت اسلام آباد پوليس جا 3 هزار اهلڪار به شفٽن ۾ ڊيوٽيون ڪندا.