ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻن خواجا اظھار الحسن ۽ وسيم اختر چيو آهي ته عمران خان پنهنجي منشور جي ابتڙ ڪري ادارن خلاف سازشون پيو ڪري، آرمي چيف جي مقرري سندس خواهش تي نه پر ميرٽ تي ٿيندي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن چيو ته عمران خان کي 2018ع ۾ اسانجون ئي سيٽون ڏنيون ويون،  انهي باوجود اسان سندن اتحاد ۾ شامل ٿياسين،  جڏهن ھن پرڏيھي سازش جي ڳالهه ڪئي ته اسين انھي ڪابينا ۾ ھوندي پريشان ٿي وياسين ته ھي خط ڪٿان آيو ؟ هن چيو ته عمران خان ڪوڙ تي ٻڌل ڳالهيون ڪري نوجوانن کي ورغلائي رهيو آهي، هنن چيو ته عمران  عوام لاءِ لنگر خانا کولي پاڻ لاءِ وري توشا خانا رکيا، ھن سدائين بوزدار معرفت ايس ايڇ او رکرايا، انھي ڪري ھو آرمي چيف جي مقرري کي به ايس ايڇ او جي مقرري ٿو سمجھي،  ھنن چيو ته نومبر جو مھينو انتھائي اھم آھي