موهن جي دڙي جي مٽي جو ماڻهو

0
130
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

موهن جي دڙي جي شاندار تاريخ ۽ تهذيب جي تسلسل جو ٻيو نانءُ “سنڌ”  آهي. ۽ سنڌ اسان جي محبتن جو ڀرم آهي. سنڌ جي شعوري تاريخ ۾ جيڪي فرد ڪڏهن به نه جهُڪيا سدائين پنهنجو پاڻ کي جلائي، روشن ڏيئي وانگر گُگهه اوندهه ۾ روشني پيدا ڪندا رهيا. اُنهي شعوري تاريخ جو هڪڙو نالو سوڀو  گيانچنداڻي به آهي. جنهن جي فڪر ۾ “سنڌ” جاڳندي هُئي. موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو هي ارڏو انسان سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو. ڪامريڊ سوڀو سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جو سگهارو آواز ۽ هڪ تاريخ هو. جنهن  کي اسان جي نسل پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ٻُڌو. ۽ انهي جي شخصيت مان اتساهه ورتو. هن شخص جي ڏاهپ مان اسان جي نسل ادب، فلسفي، سياست، سماجيات، ثقافت، ٻولي متعلق ڄاڻ وٺي گهڻو ڪجهه پرايو. سوڀو انقلابي سوچ رکندڙ جدوجهد جي علامت پڻ هُيو.

گذريل ڏينهن سوڀي گيانچنداڻي جي لکڻين جو مطالعو پئي ڪيو  سوڀي جي آتم ڪهاڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو يا ٻُڌجي ٿو تڏهن سوڀي جي فڪري خوابن ۽ حقيقتن جي پهرين اوليت“سنڌ” نظر اچي ٿي. ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ۽ سندس ڀوڳنائن جو سفر به طويل رهيو آهي پر هو زماني جي ناخذائن آڏو ڪڏهن به نه جهُڪيو. سنڌ جي هن باضمير ماڻهو سختيون سٺيون، جيلن ۽ ٿاڻن کي قبول ڪرڻ گهُريو پر ڌرتي سان ويساهه گهاتي جو تصور نه ٿي ڪيو.ان جي سوچ ۽ لوچ ۾ سنڌ سمايل هئي حالتن جون سنگينيون جڏهن سنڌ مٿان زبردستي مڙهيون ويون. ۽ اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي لڏائڻ جا جتن ڪيا ويا تڏهن به سوڀي سنڌ نه ڇڏي ۽ وقت جي اختيار ڌڻين کي وڏي واڪي ايئن چيو ته ؛

هي ڌرتي منهنجي ماءُ آ،

جنهن ۾ مُنهنجو ويساهه آ.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سوڀي کي جيل ۾ واڙيو ويو. تڏهن انهي وقت جي گهرو معاملن واري وزير شهاب الدين سوڀي کي آڇ ڪئي ته جيڪر تون سنڌ ڇڏي ڀارت وڃين ته توکي اسان آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. تنهن تي سوڀي وڏي جرئت ۽ بهادري سان گهرو معاملن واري وزير کي ايئن چيو هو ته “تون ته پاڪستان ۾ پناهگير آهين مان ته سنڌ ڄائو آهيان. ۽ هن ڌرتي جو ڌڻي آهيان. مان ته صدين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ هرگز نه ڇڏيندس تون ڪير ٿيندو آھين مون کي سنڌ مان لڏائڻ وارو .” سوڀي جي انهي جرئت ڀرئي جواب سنڌ جي ٻين هندن کي پڻ حوصلو ڏنو.سنڌ ماءُ سان محبت ڪندڙ ڪامريڊ سوڀي ڏکين حالتن ۾ به سنڌ نه ڇڏي هن سموري زندگي پنهنجن مفادن کي اهميت نه ڏني هن سنڌ لاءِ جيئڻ سکيو ۽ سنڌ لاءِ مرڻ سکيو جڏهن سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو ذڪر نڪرندو آهي ته اهو سوڀي جي ذڪر کان سواءِ اڻ پورو هوندو جيتوڻيڪ سوڀو ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هو ۽ ان جي سڃاڻپ هڪ ڪميونسٽ طور هئي پر “سنڌ” هن جي ساهن ۾  سمايل هئي ۽ هن آخر تائين پنهنجي ڌرتي ماءُ سان ناتو نڀائي سنڌو جي جل ۾ پرواڻ ٿي ويو. سنڌ ۾ هي اڄ جيڪا شعور جي لهر نظر اچي ٿي اُن ۾ سوڀي جو وڏو حصو شامل آهي. توڙي جو هن جي سياسي جدوجهد جا مختلف پاسا رهيا آهن. پر ون يونٽ واري دور ۾ سوڀي جون تقريرون ۽ تحريرون سنڌ لاءِ سجاڳي جو پيغام کڻي آيون هُيون. ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن سياسي جدوجهد پنهنجا جوهر ۽ جلوا ڏيکاريا هُئا تڏهن سنڌ ۾ مزاحمت جي هڪ چُڻنگ اڀري آئي هُئي.انهي دور ۾ سنڌ جا مزاحمتي شاعر پنهنجي شاعري ذريعي نوجوانن جي دلين کي گرمائيندا ۽ اتساهيندا هُئا. انهن مزاحمتي شاعرن جي گيتن ۾ هڪ للڪار هوندي هُئي ۽ سنڌ جا نوجوان سياسي منڊلين ۽ ڪچهرين ۾ وڏي سُر ۽ سوز ۾ ابراهيم منشي جُون هي سٽُون ڳائيندا هُئا ته :

ڪتيُون ڪيئي قيد ۾ گُذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين،

سرنهن پيلا جهليندي گُل، اُنهن کيتن ۾ ملنداسين.

انهي دور ۾ ڪامريڊ سوڀي جي لکڻين، تحريرن سنڌ کي سجاڳي جو نئون دڳ ڏنو. ڪامريڊ سوڀي، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ ٻين اديبن شاعري جي ڪيل تاريخي جدوجهد ون يونٽ جي ٽٽڻ جو سبب بڻي ۽ سنڌ جي قومي سڃاڻپ وري پروان چڙهي. سنڌ جي قومي تحريڪن کي نئون رُخ مليو ۽ سنڌ ۾ سياسي جدوجهد تحرڪ ورتو. جڏهن سوڀي پنهنجيون اکيون پوريون تڏهن سنڌ هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي ويئي هن جي آخري سفر ۾ سنڌ جي اديبن شاعرن ڀٽائي جي بيتن جي گونجار سان هن کي الوداع ڪيو ھو انهي کان پوءِ سنڌ جي هن عاشق جي ارٿين “هاٺين” کي سنڌو ۾ پروان ڪيو ويو ھو تڏهن ايئن  محسوس ٿيو ته علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار سنڌو ۾ سمائجي ويو  سوڀي جي فڪر جي آبياري جيئن ته سنڌو جي جل ڪئي هئي تڏهن ته سوڀي پنهنجي وصيت ۾  چيو هو ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي ارٿين (ھاٺين )کي سنڌو ۾ پرواڻ ڪجو ته جيئن مرڻ کان پوءِ آءُ سنڌو جي امرت جل ۾ ملي وڃان

منهنجي سوڀي سان زندگي ۾ صرف ٻه ڀيرا روبرو ملاقاتون ٿيون ھيون سندس حياتي ۾ سوڀي سان صرف ھڪ ڀيرو ڳالھه ٻولهھ ٿي ھئي ڳالهھ ٻولھه دوران ھن پنهنجي ھم عمر پروفيسر شامداس جوشي جا حال احوال پڇيا ھئا سوڀي سنڌ کي فڪري شعور ڏنو.۽ ڌرتي جي ماڻهن کي سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏنا. سوڀي جي ساهه جو سڳو ضرور ٽُٽو پر هُن جا آدرش آخر تائين اُتم رهيا.سوڀو پنهنجي اصولن ۽ آدرشن ۾ وڏو ماڻهو هو ۽ هن مصيبتن ۾ ميدان ڇڏڻ سکيو ئي نه هو.سوڀي جي تاريخي ڪردار کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.سوڀو سنڌ وانگر اسان جي ساهن ۾  جيئرو رهندو ۽ هو اسان جي دلين ۾ هميشه امر رهندو. سوڀو سنڌ جي تاريخ جو سوجهرو ۽ علم جو ڀنڊار هو جنهن جي ڏاهپ کي عالمي سطح تي مڃتا مليل هئي هن پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ سان آخر تائين نڀايو هن مهان ڏاهي جي خدمتن کي مڃتا ملڻ گھرجي ھا سرڪار کي هن جي نالي ڪو ادارو قائم ڪرڻ گھرجي ھا ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هن جي نالي لائبريريون به قائم ٿيڻ گهرجن ھا  ته جيئن سنڌ جو نئون نسل هن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. پر الائي  ڇو سرڪار پاران ھن مھان ماڻهوَ جي ڪم کي مڃتا ڪونه  ملي سگهي؟؟؟ سوڀو سنڌ جي تاريخ جو مهاساگر هو. اهڙو مهان انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندو آهي.

سوڀو سورهيه سنڌ جو، ماڻهو هيو مهان،

املهه هي انسان، جيئندو پيو تاريخ ۾،

جيئندو پيو تاريخ ۾ ماڻهو هي مهان،

ڇڏڻو آ جهان موت ناهي مهڻو .

   (نامعلوم)