گرمي سبب فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو: ڀارت ۾ ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ تي بندش

0
374
گرمي سبب فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو
گرمي سبب فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو: ڀارت ۾ ڪڻڪ جي ايڪسپورٽ تي بندش

ڀارت ۾ ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن ڀارتي واپاري واري وزارت جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪڻڪ جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب ڀارت ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ صورتحال خراب ٿيڻ جو خدشو آهي

خابرو اداري موجب ڀارت ۾ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ هڪ ٽن ڪڻڪ جي قيمت 25 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي

ڀارت ۾ موجود واپاري ڊيلرز موجب ڀارت ۾ وقت کان اڳ سخت گرمي فصل لاءِ نقصانڪار آهي، خدشو آهي ته ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيندي