ڪووڊ ـ ۱۹ جي عالمي وبا ۽ اوميڪران جون علامتون

0
207
ساگرـ سمنڊ ـ خليج ـ گهاٽي

 ھن عالمي وبا ۾ ھن وقت ڪوو ـ سارس ـ ۲ جي جيڪا شڪل عام آھي، اھا آھي ‘اوميڪران’. اڄڪلهه اوميڪران سبب پيدا ٿيندڙ ڪووڊ ـ ۱۹ جون علامتون جيڪي ڪنھن مريض ۾ سڀ به ظاھر ٿي سگهن ٿيون ۽ ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ به گڏ ٿي سگهن ٿيون.

  ان سلسلي ۾ مان ھن سڄي وبا دوران گذريل ٻن سالن کان بار بار اھو لکندو به رھيو آھيان ته جيڪڏھن اوھان کي وائرس سبب بيمار ٿيڻ جو شڪ به ھجي ته مھرباني ڪري ڪنھن مستند ڊاڪٽر جي لکت ۾ ڏنل مشوري بنا پاڻ ھرتو جيترو ٿي سگهي ھيٺيون دوائون نه واپرايو:

  • بروفين
  • اسپرين
  • ٿرڊ جنريشن سيفلو اسپورين
  • ڪا به اينٽيبايوٽڪ

 اسان وٽ ھٽن تان دوائون خريد ڪري پاڻ ھرتو کائڻ جو رواج عام آھي. مھرباني ڪري ڪنھن به مستند ڊاڪٽر جي لکت ۾ تجويز کانسواءِ انھن مان ڪا به دوا پاڻ ھرتو استعمال نه ڪريو.

اھي علامتون جن تي ڌيان ڏيڻو آھي ۽ تڪليف جي صورت ۾ ويجهي عوام جي ملڪيتي سرڪاري اسپتال مان ڪورونا جي تشخيص ڪرائڻي آھي.

اميد ته اوھان ڪووڊ ـ ۱۹ کان بچاءَ جي ويڪسين جون ٻه خوراڪون ۽ ڇھن مھينن کانپوءِ واري اضافي خوراڪ جنھن کي بوسٽر چئون ٿا ضرور استعمال ڪئي ھوندي ۽ ويڪسينيشن ڪارڊ به ھٿيڪو رکيو ھوندو.

  • نڪ جو وھڻ Runny Nose
  • گلي ۾ خراش Sore Throat
  • کنگهه Cough
  • ذائقو محسوس نه ٿيڻ Loss of Taste
  • بوءِ محسوس نه ٿيڻ Loss of Smell
  • جسم ۾ سور Muscle Ache
  • پٺن ۾ سور Back Ache
  • ساڻائي Fatigue
  • ٿڪاوٽ Tiredness

ھاڻي جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ذائقي ۽ بوءِ کانسواءِ سڀئي علامتون ٻين وائرس سبب پيدا ٿيندڙ لڱاين ۾ به ھونديون آھن پر انڪري جو اسان ھڪ عالمي وبا جي عالم ۾ آھيون تنھن ڪري پي سي آر ٽيسٽ ڪرائي اھا پڪ ڪرڻ گهرجي ته ڪٿي اسان ڪووڊ ـ ۱۹جي لڱائيءَ ۾ ته ورتل ناھيون. ايئن ڪرڻ سان اسان پنھنجي پيارن، گهر ڀاتين، سنگت ـ ساٿ، گڏ ڪم ڪندڙ سنگين ۽ سماج ۾ ڪووڊ ـ ۱۹ جي ڦھلاءَ کي روڪي سگهئون ٿا.