ڪراچي پورٽ گرينڊ ۾ ثقافتي رنگ

0
310
ڪراچي پورٽ گرينڊ ۾ ثقافتي رنگ

 ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ ملڪ جو معاشي حب، ڪراچي دنيا جي وڏن شهرن ۾ شامل ٿئي ٿو جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي هر ٻولي رنگ نسل ۽ زبان جو ماڻهو رهي ٿو، اهو اعزاز رڳو سنڌ جي هن ڌرتي کي حاصل آهي جتي سڄي دنيا جا ماڻهو رهن ٿا، انهي جا منفي اثر به هوندا پر رڳو منفي اثرن تي سوچڻ ۽ انهي تي وقت ضايع ڪرڻ سان گڏ نفرتون اڀارڻ بدران مثبت پهلوئن تي سوچجي ته ماڻهو نه رڳو ذهني طور رليڪس رهندو پر انهي سان نفرتن بدران محبتون پروان چڙهنديون آهن. هونئن ته سنڌ جي ثقافت، تهذيب، رقص ۽ راڳ کي هاڻي دنيا ايترو ته سمجهي ۽ سڃاڻي چڪي آهي جو گوگل تي جيڪڏهن سنڌي ميوزڪ لکون ٿا ته سنڌ جا سمورا فنڪار هڪ ڪلڪ تي ملي وڃن ٿا، اسانجي ثقافت ۽تهذيب کي جديد طريقي سان محفوظ بنائڻ ۾ اسين ڪافي حد تائين ڪامياب ويا آهيون، جيتوڻيڪ سنڌ گهڻ قومي صوبي سان گڏ ڳچ ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جو صوبو آهي، انهي ڪري ٻين ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جيئن سنڌ ۾ اچي اسان جي اجرڪ ٽوپي گج ۽ رلي کي اهميت ڏني آهي، ايئن اسان به انهن جي استعمال هيٺ ايندڙ سندن ثقافتي شين جو استعمال شروع ڪيو آهي.

منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ثقافتن جو هڪ ٻئي سان ميل جول فطري آهي، انهي کي روڪي نٿو سگهجي ۽ جديد ضرورتن توڙي وقت جي مناسبت سان اسانکي پنهنجي ثقافت جي بچاءُ لاءِ اهي جديد طريقا ۽ طرز اختيار ڪرڻا ئي پوندا. تازو سنڌ جي ثقافت کاتي ڪراچي جي پورٽ گرينڊ ۾ ٽن ڏينهن وارو هڪ سنڌ ڪرافٽ فيسٽيول لڳايو  آهي، جنهن ۾ سنڌ جون سموريون ثقافتي شيون اسٽالن تي رکيل آهن، فيسٽيول ۾ 70 کان 80 اسٽال لڳل آهن، جنهن ۾ 7 يا 8 اسٽال رڳو رلين جا مونکي نظر آيا، انهن اسٽالن تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٺهندڙ رلين جا نمونا رکيل هئا، جيئن ميرپورخاص، عمرڪوٽ، يا سانگهڙ، بدين جي رلين جي ڊيزائين سکر، شڪارپور ۽ گهوٽڪي جي رلين کان مختلف هئي، اهي سمورا نمونا انهن اسٽالن تي ڏسي مونکي ذاتي طور ڏاڍي خوشي ٿي. مان سمجهان ٿي ته انهي سان اسانکي پنهنجي ئي ثقافت جي مختلف رنگن  جي خبر پوي ٿي، ڇاڪاڻ جو رليون به ڪيترن ئي قسمن جون ٺهن ٿيون ۽ اهي هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي جون مختلف هجن ٿيون، اهڙي ريت لباس به مختلف قسمن جا آهي، جيئن هن فيسٽيول ۾ ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ ڪڇي ميگهواڙ خاندان جي عورتن جيڪي گج رکيا هئا، اهي چيلهار واسي شخص جي لڳايل اسٽال تي پيل گجن کان مختلف هئا،

ساڳي ريت مٽياري  ۽ بدين سميت ٻين هنڌن تان آيل عورتن جي لڳايل اسٽالن تي پيل ڪڙتا يا گج به الڳ الڳ هئا، اهي سڀ بلوچي ڊيزائن جا هئا، پر جيڪي گج ، پرس ۽ ڀرت ڀريل چنيون چيلهار واسي نوجوان جي دڪان تي پيل هيون، اهي انهن سڀني کان مختلف هيون ۽ وڻندڙ هيون. ايئن ئي وري بدين جي هڪ کٽي قبيلي سان تعلق رکندڙ عورت جي اسٽال تي عورتن جا رنڱيل ڪپڙا پيا هئا، جيڪي ڏاڍا وڻندڙ هئا، اهڙي ريت انهي فيسٽيول ۾ ڪتابن جا اسٽال به آهن، واڻ سان واڻيل رنگين کٽون ۽ ڪرسيون به موجود آهن، هاڻي ته اسان وٽ شهرن مان کٽن جو رواج ختم ٿيندو ٿو وڃي ۽ واڻ واريون ڪرسيون ته شايد ئي ڪنهن جي گهر ۾ هجن، هر هنڌ صوفا سيٽ ۽ پلاسٽڪ جي ڪرسين انهي ڪاشي جي ڪم جي جاءِ والاري ڇڏي آهي ۽ ڪاٺ کي ڪوري مختلف رنگن سان خوبصورت بڻائيندڙ ڪاريگرن جو ڪم به هاڻي نالي ماتر رهيو آهي، پر ان باوجود ڪٿي ڪٿي اهو ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن کي محفوظ بنائڻ يا انهن هنرمندن کي پنهنجي ڪم سان جوڙي رکڻ لاءِ سرڪاري سطح تي اڃا ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪرافٽ فيسٽيول ۾ بلاول انسٽيٽيوٽ نوابشاهه پاران جيڪي مجسما رکيا ويا آهن اهي ته صفا ڪمال جا آهن، جيتوڻيڪ اهي موٽر لڳائي بجلي سان ڪنيڪٽ ڪيل آهن پر انهن کي ڏسي اسان کي پنهنجو بچپن ياد اچي وڃي ٿو، ننڍا هوندا هئاسين ته گهر جي اڱڻ ۾ ناني چاڏي(مٽي جو مٽ) ۾ ڏهي وجهي ٿورو پاڻي ملائي انهي کي پئي ولوڙيندي هئي ۽ مکڻ جي انتظار ۾ اکيون انهي ماٽي ۾ هونديون هيون، گرمين جي ڏينهن ۾ صبح جو اڱڻ تي پيل کٽن تي گهر جا مرد ويٺا هوندا هئا، سج اڀرڻ وقت چانهه جو ڪوپ پي انهي ئي کٽ تي ويهي پيا ڪچهريون ڪندا هئا، هاڻي ته زندگي جي خفن ۾ اک کلندي بلب ٻاريون ٿا ۽ ٽائيم جاچڻ لاءِ گهڙيال ڏانهن ڏسون ٿا ۽ وري معمول جي ڪمن ڪارن مان گهر پهچون ٿا ته گهر جي ڪمري جي لائيٽ اڳي ئي ٻري پئي ٿي. مطلب صبح جو اڀرندڙ سج ڏٺي به ڏينهن گذري وڃن ٿا ته شام جو لهندڙ سج به ڪونٿا ڏسي سگهون، بند ڪمرا ۽ ننڍا گهرجتي اسان کي پنهنجي رشتن ناتن کان محدود ڪريو ٿا ڇڏين اتي ان قسم جي رهڻي ڪهڻي اسان کان سج، چنڊ ۽ تارا به کسي ورتا آهن، سو اهي مجسما به ڪمال جا ٺهيل آهن، جيڪي ڏسندي ئي مون سميت منهنجا هم عمر ڪيترائي ماڻهو پنهجي ماضي جي جهروڪن ۾ ضرور گم ٿي ويا هوندا.

هي فيسٽيول ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو انهي سان گڏ ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي به اسان جي ثقافت ۽ تهذيب جي ويجهو آڻيندو، هن فيسٽيول ۾ مون ڏٺو ته مختلف شين جي لڳل اسٽالن تي99 سيڪڙو عورتون هيون، ڪتابن جي اسٽال يا ڪجهه ٻين شين جي اسٽالن تي ته مرد موجود هئا پر اڪثريت عورتن جي هئي، جيڪا ڏسي مونکي خوشي ٿي ته بدين جي ڊگهڙي جي، گهوٽڪي جي يا مٽياري جي عام عورت جيڪڏهن ڪراچي جي پورٽ گرينڊ ۾ ويهي اتي ايندڙ خريدارن سان پنهنجون شيون کپائڻ لاءِ ڳالهائي ٿي ته انهي سان هن عورت جي ذهني اوسر به ٿيندي، هو هتان کان ڪجهه نواڻ کڻي ويندي، هتان جي مارڪيٽ جي گهرج کان واقف ٿيندي ۽ ايئن هن وقت جڏهن پاڻي جي کوٽ سبب زراعت تباهه ٿي وئي آهي، زراعت جي تباهي سبب چوپايو مال مري رهيو آهي ته اسان جي عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ ان قسم جي محنت جي سخت ضرورت آهي. اچو ته ان قسم جي لڳندڙ ميلن ۾ فيملي سان شريڪ ٿي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڳوٺن جي عورتن کي پيرن تي بيهارڻ ۾ سندن سهارو ٿي سگهون.