قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ڀرسان لاکاٽ پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ لاکاٽ ۾ 4 جوابدار هٿيارن جي زور تي گھٽي مان گذرندڙ نينگر کي کنڀي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻائي وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان متاثر 14 ورهين جي عبدالجبار ڪنڀر ٻڌايو ته 4 ڄڻن چانهه ۾ نشو ڏئي ڪپڙن کان آجو ڪري بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪئي آهي، نينگر موجب جوابدار بدفعلي بعد مون کي بليڪ ميل ڪري پئسا وصول ڪندا رهيا، پهريان مونکان جوابدارن 5 هزار رپيا ورتا، وڌيڪ پئسا نه ڏيڻ تي بدفعلي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي رکي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، هن ٻڌايو ته 4 جوابدارن زبردستي گهٽي مان کنڀي ظلم ڪيو آهي. ھوڏانهن لاکاٽ پوليس بدفعلي جو شڪار نينگر جي فرياد تي 4 ڄڻن رمضان جتوئي، نظير جتوئي، سجاد جتوئي ۽ عاشان جتوئي خلاف قلم 377.370.337.292AB.34 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ڪيس ۾ فريادي نينگر موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدار بدفعلي ڪرڻ بعد وڊيوز ڀري بليڪ ميل ڪندا رهيا، جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته ھڪ ھفتو اڳ واقعو پيش آيو هو، بدفعلي جو شڪار نينگر خوف سبب مائٽن سان اهڙي واقعي بابت ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ٻي طرف پوليس ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار نظير جتوئي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.