ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجھو ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي گوپانگ پيٽرول پمپ وٽ اڻ ڄاتل شخص جو ڇچريل لاش ھٿ آيو آھي. جنھن کي مقامي ماڻهن پاران ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. جنھن بعد ٽنڊوڄام پوليس پاران لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب اڻ ڄاتل شخص روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو آھي. جنھن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي. لاش کي سول اسپتال حيدرآباد جي سرد خاني ۾ رکرايو ويو آھي. جڏھن ته وارثن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.