گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ باءِ پاس ڀرسان فيضان مدينه ڪالوني واسي فرسٽ ايئر جي شاگرد اساما پٽ محڪم الدين کهڙو جو غريب آباد پاڙي جي مڊوي گلي واسي آچر ملاح جي گهر مان گولي لڳل لاش هٿ آيو. ڳڀرو نوجوان جو لاش گهر ڌڻين کڻائي گمس اسپتال جي ريپڊ ريسپانس سينٽر پهچائڻ بعد وجهه وٺي کسڪي ويا، اهڙي اطلاع تي پوليس ۽ مقتول شاگرد جا وارث اسپتال پهتا، پوسٽ مارٽم بعد شاگرد جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.ان موقعي تي مقتول شاگرد جي پيءُ محڪم الدين کهڙو ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني نه آهي. شهاب مغل ۽ عرفان ملاح منهنجي پٽ اسامه کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا، جيڪو رات دير تائين گهر واپس نه موٽيو ۽ صبح جو سوير خبر پئي ته اوهان جي پٽ جو لاش گمبٽ اسپتال ۾ پيل آهي، جتي پهچي لاش جي مالڪي ڪئي ۽ واقعي جي معلومات ورتي.پوليس شڪ جي بنياد تي نوجوان عرفان ملاح ۽ ريما ملاح کي حراست ۾ وٺي گهر مان پسٽل ۽ مقتول نوجوان جي موبائل فون هٿ ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته گمبٽ پوليس وڌيڪ چئن ماڻهن کي جاچ لاءِ حراست ۾ وٺي اڻڄاتل جڳهه تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي کانئن پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي گمبٽ پوليس ٻڌايو ته نوجوان اسامه کهڙو آچر ملاح جي گهر ايندڙ ويندڙ هو، گذريل رات گهر اندر ڪنهن معاملي تان مسئلو پيش آيو، جنهن تان نوجوان کي پٺيءَ ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي، گهرڌڻي جي پٽ عرفان ملاح ۽ ناري ريما ملاح کي حراست ۾ وٺي واقعي واري جڳهه مان پسٽل ۽ مقتول جو موبائيل فون سيٽ هٿ ڪري واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.