گهوٽڪي (رپورٽر) ڳوٺ مسو ڪلوڙ واسي بدفعلي جو شڪار نينگر ذيشان منگي جي وارثن مٿان راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وڌي پيو وڃي.نينگر جي والد عبدالخالق منگي جو چوڻ هو ته پوليس هن وقت تائين پٽ سان اجتماعي بدفعلي ڪندڙ مک جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ جوابدارن جا ساٿي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس ته ورتو آهي پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو پوليس ڪيس به داخل ناهي ڪيو رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس جو چوڻ هو ته متاثر نينگر جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ناهن آيا ايندا ته ڪيس به داخل ڪيو ويندو ۽ مک جوابدار فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.