شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ معصوم ڀائٽي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار گرفتار، ڏوھ جو اعتراف، اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، رپورٽ موجب زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدار عمران راجپوت کي پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ڊي ايس پي شھدادپور ايوب بروهي ۽ ايس ايچ او آغا شمشاد پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته شھر جي بس اسٽاپ تي ڇاپو هڻي ڀائٽي سان زيادتي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار عمران راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو ڪراچي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پوليس موجب جوابدار عمران ڏوھ جو پڻ اعتراف ڪري ورتو آهي ته هن ڀائٽي سان 2 ڀيرا زيادتي ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ياد هجي ته الطاف راجپوت 3 ڏينهن اڳ شھدادپور ٿاڻي تي پهچي ڀاءُ عمران تي ڌيءُ سان زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو، پوليس ان وقت نينگري کي ميڊيڪل چڪاس لاءِ شھداددپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال منتقل ڪيو هو، جتي ميڊيڪل چڪاس ۾ زيادتي جي تصديق بعد پوليس متاثره نينگري جي پيءُ الطاف راجپوت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو.