قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد تعلقي جي ديھه پڊ ۾ واقع سوا چار ايڪڙ ايراضي زمين جي مالڪي تان سيد برادري جي ٻن ڌرين منظور علي شاھ ۽ سيد اشفاق علي شاھ وچ ۾ وڏي عرصي کان ھلندڙ تڪرار جو نبيرو اڳوڻي  سينيٽر ڄام تماچي انڙ جي سرپئچي ھيٺ سردار ھائوس تي  ٿيو، جنهن ۾ يوسي چيئرمين بھار خان مري، عبداللطيف ڪلوئي امين طور شريڪ ٿيا، ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد سوا 4 ايڪڙ زمين منظور شاھ حوالي ڪئي وئي، جڏھن ته منظور شاھ ھڪ ڪروڙ رپيا جهيڙيندڙ ڌر اشفاق شاھ کي ادا ڪندو، جڏھن ته 20 لڳ رپيا پھريا ادا ڪرڻ واري عمل بعد رھيل رقم 80 لک رپيا ادا ڪندو، فيصلي بعد ڌرين کي ڀاڪر پرائي ٺاهه ڪرايو ويو،