ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ذهني معذور نينگري سان زيادتي، جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ محمودآباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪشمير ڪالوني ۾ 19 ورهين جي ذهني معذور (ن) سان زيادتي ڪئي وئي، محمودآباد ٿاڻي تي متاثر نينگري جي ماءَ مسعودان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته آئون ڊفينس ويو ۾ بنگلن ۾ ڪم ڪندي آهيان،31 آڪٽوبر تي ڪم تي ويس، پويان جوابدار  گهر ۾ داخل ٿي ڌي (ن) سان زيادتي ڪئي آهي پوليس موجب جاچ بعد 17 ورهين جي محمد حسن کي گرفتار ڪيو آهي