ڪراچي(م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزيه ڪار شاهزيب خانزادا چيو آهي ته عمران خان جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري نه پيو چاهي. پنهنجي تبصري ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف ان سڄي معاملي کي جنرل عاصم منير سبب تڪراري بڻايو، عمران خان چئي چڪو آهي ته سندس مسئلو اهو ناهي ته ڪير آرمي چيف بڻبو، مسئلو اهو آهي ته عاصم منير نه بڻجي وڃي. هن چيو ته عمران خان عاصم منير کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، کيس ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻايائين ۽ ڇهن مهينن تائين هو ان عهدي تي رهيو پوءِ خبرون آيون ته عاصم منير عمران خان آڏو ثبوت رکيا جيڪي بني گالا ۽ سندس خاندان بابت هئا ته ڪهڙي قسم جي ڪرپشن ٿي رهي آهي ۽ ڪهڙيون خبرون آهن، جنرل عاصم پراميد هوته عمران خان ايڪشن وٺندو پر هن ابتو سندس خلاف ايڪشن ڪيو ۽ کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. ان ڪري عمران خان نه پئي چاهيو ته عاصم منير آرمي چيف ٿئي ڇو جو اهو اصولن جو نه پر سندس ذاتي معاملو هو ته وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ ثبوت پيش ڪيا جيڪي تڏوهڪي وزيراعظم کي سٺا نه لڳا هئا.