شڪارپور (رپوٽر) صحت کاتي لاءِ مقرر پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي قاسم سراج سومرو، صوبائي وزير امتياز شيخ، سيڪريٽري ھيلٿ محمد نواز سوھو شڪارپور جي آر بي يوٽي اسپتال جو دورو  ڪيو، دوري دوران اسپتال ۾ داخل مريضن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ڪيترن ئي مريض عورتن ۽ مردن دانھيندي چيو ته اسپتال ۾ صفائي سٿرائي ناھي نه وري دوا ملي رھي آھي، مريضن جون شڪايتون ٻڌڻ بعد صحت کاتي لاءِ مقرر پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو صحافين سان ڳالھيندي چيو ته مريض تمام گھڻا آھن، سنڌ ۾ گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙي جا مريض تيزي سان وڌي رھيا آھن، صحت کاتو سنڌ اندر پنھنجي وسيلن مطابق بھتر ڪم ڪري رھيو آھي پر اڃا وڌيڪ بھتري جي ضرورت آھي، ھن چيو ته دوائن جي کوٽ مليريا ۽ گيسٽرو جا ڪيس وڌڻ سبب ٿي دوائن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ خريداري لاءِ ڊي ايڇ اوز کي واڌو فنڊ ڏنا ويا آھن، قاسم سراج سومرو وڌيڪ چيو ته آر بي يوٽي اسپتال ۾ گوسڙو ڊاڪٽرن جي شڪايت ملي آھي پر ھو ان کان اڳ ۾ ئي گوسڙو ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري چڪا آھن،ڏھن ڏينھن اندر ڊيوٽي تي نه ايندڙ ڊاڪٽرن کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڪرمنلز وارا قلم لڳائي مٿن ڪيس داخل ڪنداسين، ھي وقت عوام سان گڏ ھجڻ جو آھي، قاسم سراج سومرو وڌيڪ چيو ته آر بي يوٽي اسپتال شڪارپور جي مانٽرنگ لاءِ سول سوسائٽي جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي جنھن جي سفارش تي ڪوتاھي ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،ھن چيو ته شھرن ۾ مريضن لاءِ اسپتالون موجود آھن ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪيمپس لڳرائي رھيا آھيون،سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ ويھن ويھن بيڊن تي مشتمل ايمرجنسي اسپتالون قائم ڪري رھيا آھيون،صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي،اوڻونجاھ ڊاڪٽرن مان ايڪٽيھ ڊاڪٽر مقرر آھن جن مان تيرنھن ڊاڪٽر گوسڙو آھن،جن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.