سکر/روهڙي (نمائندن وٽان) ڊپٽي ڪمشنر سکر شھزاد طاھر ٿھيم سکر، روھڙي ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ قائم ڪئمپن جو اوچتو دورو ڪيو، جنھن دوران متاثر عورتن ۽ مردن ڊي سي سکر کي شڪايت ڪئي ته ھر وقت کين چانور فراھم ڪيا پيا وڃن، جنھن تي ڊي سي شھزاد طاھر ٿھيم طرفان لاڳاپيل انتظاميا کي سختيءَ سان ھدايت ڪئي ته متاثرن کي ٽي ويلا ماني فراھم ڪرڻ جي لاءِ چانور، ماني، ڀاڄي جو شيڊول ٺاھيو وڃي، ميڊيڪل ڪئمپن تي ڊاڪٽرن، ھيلٿ جي عملي کي موجودگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي، ڊي سي جي ليبر ڪالوني دوري دوران مختلف ضلعن کان ترسيل متاثرن طرفان ليبر ڪالوني ۾ بجلي، پکا نه ھجڻ سميت ٻيون شڪايتون ڪيون جنھن تي ڊي سي سکر فوري طور تي حڪم جاري ڪيو  ته متاثرن کي فليٽس ۾ پکا لڳرائي ڏيڻ سان گڏ بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن. جنھن بعد  ڊي سي روھڙي کان صالح پٽ ويندڙ مک رستو ڪئنال مٿان اڏيل پل ڪرڻ سبب بند ٿيڻ واري ھنڌ جو دورو ڪيو ۽ لاڳاپايل اختيارين سان گڏجاڻي ڪرڻ بعد ھدايتون جاري ڪيون ته رستي جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.