فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ ھيٺ آيل ڳوٺن ۾ ڊٿل گهرن مان گاڊر ٽيئر، در دريون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ جو آزار وڌي ويو آهي. ڪالهه گهر جو سامان چوري ٿي وڃڻ جي اطلاع ملڻ تي ڳوٺ ولي محمد رند واسي پورهيت امام علي رند پنهنجي ڊٿل گهر جو سامان سنڀالڻ لاءِ ٻوڏ جي پاڻيءَ وچان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته ٻوڏ جو تيز وهڪرو پاڻيءَ کيس ايف پي بچاء بند کي لڳل کنڊ  مان لوڙھي کڻي ويو. اطلاع تي سماجي اڳواڻ امين بروهي ۽ ٻيا ٻيڙي ڪاھي وڃي پورھيت جي ڳولا ڪئي گهڻي ڳولا بعد پورھيت جو لاش ڳوٺ کان 4 ڪلوميٽر پري گرڊ اسٽيشن فريدآباد ويجهو پاڻي مان ھٿ ڪيو.جنھن بعد پورھيت جو لاش پنهنجي وارثن حوالي ڪيو ويو، پورھيت جو لاش گهر پھچڻ تي سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.