ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو ڳوٺ صاحبڏنو سومرو ۾ برسات متاثر حاجي خان سومرو جي گهر جي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب 5 ورهين جو عبدالسلام کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن کي ٺل جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. وارثن ٻڌايو ته ڪاٺين تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ دوران نينگر کي باهه لڳي وئي، جنهن ڪري ان جو چهرو ۽ سينو متاثر ٿيو. نينگر جي امڙ ٻڌايو ته برسات سبب گهر ڊهي پيا ڪنهن به راشن ناهي پهچايو,گهر ڀاتين جي ماني پچائي رهي هئس ته اچانڪ باه لڳي وئي ڊاڪٽرن موجب باهه سبب نينگر جو چهرو، سينو ۽ ٻانهن متاثر ٿي آهي، 30 سيڪڙو جسم متاثر ٿيو آهي.