شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جا ڇاپا، عطائي ڊاڪٽرن جون 5 اسپتالون سيل، ڪيترائي ڪلينڪس ڇڏي فرار، خبر موجب ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم رزاق شيخ ۽ ڊاڪٽر نور محمد مڱريو جي اڳواڻي ۾ شھر جي اسپتال چوڪ ۽ هڱورا روڊ تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران ٽيم 5 عطائي ڊاڪٽرن حبيب الرحمان آرائين، ايوب عمراڻي، يونس ڪلوئي ۽ ٻين جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ظفر عالماڻي جي ڊجيٽل ايڪسري رجسٽرڊ نه هجڻ تي سيل ڪئي وئي، ڪاروائي دوران ڪيترائي عطائي ڊاڪٽرز پنهنجيون ڪلينڪون ڇڏي کسڪي ويا، ٽيم چيو ته ته عطائي ڊاڪٽرز شھرين لاءِ ناسور بڻيل آهن ۽ هو عوام جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن،کين ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو،