سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر اچڻ بعد قلندر شھباز جي قديم الم پاڪ جي ڀيرڪ واري رسم ادا ڪرڻ بعد شھر ۾ عزاداري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ، سبزواري ساداتن جي پڙ تان ڊاڪٽر سيد مھدي رضا شاھ جي اڳواڻي ۾ تازيئي جو جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو لعل شھباز قلندر جي قديم الم پاڪ واري صحن ۾ پھتو، جتي سينا زني جو ماتم  ڪرڻ بعد  جلوس ساڳي پڙ تي پھچي نھرڪيو ويو.