بلوچستان ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ دوران 47 ٻارن سميت 136 ڄڻا فوت

0
206
بلوچستان ۾ طوفاني

ڪراچي: بلوچستان ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ دوران 47 ٻارن سميت  136 ڄڻا فوت ٿيا، مختلف حادثن ۽ واقعن دوران 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب برساتن سبب 13 هزار 535 گهرن کي نقصان پهتو آھي، 3 هزار 406 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا

پي ڊي ايم اي موجب ٻوڏ دوران 16 پلون لڙهي ويون، 640 ڪلوميٽرز رستن کي نقصان پهتو، ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 23 هزار ڍور به لُڙهي مري ويا، هڪ لک 98 هزار ايڪڙن تي پوکيل فصلن کي  به نقصان پهتو آھي