اسلام آباد:  قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته لاقانونيت هوندي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، زمان پارڪ ۾ پوليس ڪارروائي جو هڪ پس منظر آهي، جاري ڪيل وڊيو  بيان ۾ قانون جي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو  ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جاري ڪيل سرچ وارنٽس تي پوليس عمل ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به هي مامرو گذريل ڏينهن آيو هو، هاءِ ڪورٽ چيو هو ته اسان جاچ نه ٿا روڪي سگهون، ڏوهه سنگين آهي ان جي جاچ ٿيڻي آهي، درجنين پوليس وارا زخمي ٿيا آهن، هن چيو ته رياست جي اندر رياست نه ٺهڻ گهرجي، قانون پنهنجو رستو ورتو آهي، قانون جي مطابق وارنٽ وٺي تلاشي ورتي وئي.