ريتي (ن پ ا) ريتيءَ ڀرسان فارمي ڪڪڙين سان ڀريل گاڏيءَ مٿان هٿياربندن جي فائرنگ، ڦورو گاڏي روڪي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي تشدد تشدد جو نشانو بڻائي 60 هزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا. تفصيلات موجب ريتي ڀرسان ڳوٺ واحد بخش چاچڙ سامهون اوٻاوڙو روڊ تي ٻٽ ٻڌل هٿياربندن سنجرپور پنجاب کان ريتي ايندڙ ڪڪڙين  واري گاڏيءَ مٿان فائرنگ ڪندي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هٿياربند ڪجهه دير بعد ڊرائيور ۽ ڪلينر کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي 60 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. گاڏيءَ جي ڊرائيور طالب حسين ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ڦورن کي گرفتار ڪيو وڃي.