جهنڊومري(ن پ ا)  جھنڊي مري ۾ ڳوٺاڻن ڊاسوڙي پوليس خلاف احتجاج ڪيو. طوطو ڀيل کي منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي  شريمنتي نٿو زال طوطو ڀيل، شريمنتي هنجو، گورڌن ۽ ٻين چيو ته طوطو ڀيل دوڪان جو سامان وٺي پيارولنڊ اچي رهيو هو ته پيارولنڊ ٿاڻي جي حد مان ڊاسوڙي پوليس جو ايس ايڇ او کنڀي کڻي ويو. ۽ منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو آھي شريمنتي نٿو ڀيل صحافين کي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪمائيڻ وارو منهنجو مڙس آھي ڪالھ کان اسان جي گهر جو چلهو نه ٻريو آھي منهنجا ننڍڙا معصوم ٻار بکيا آهن. اسان سان انصاف ڪيو وڃي.ٻئي پاسي پوليس رابطو ڪرڻ تي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.