دادو (رپورٽر) دادو شهر جي ريلوي اسٽيشن جي تلائن ڀرسان هٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل 18 سالن جي ڳڀرو نوجوان دانش جمالي جي سوين آلين اکين سان لعل هندي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، ان کان اڳ مڙهه گھر پهچڻ تي سندس امڙ بيهوش ٿي وئي، دادو پوليس دانش جمالي جي قتل کانپوء مختلف هنڌن تان سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ورتا آهن، پوليس سي سي ٽي وي ڦوٽيجز جو ٽيڪنيڪل بنيادن تي جائزو وٺندي ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي، ذميوار پوليس آفيسر ٻڌايو ته موٽر سائيڪل سوار ٽنهي ڦورن جا منهن کليل هئا ۽ واپس ڀڄڻ دوران هڪ ڦورو جي قميص پٺيان ڦاٽي هئي، پوليس ذريعن موجب مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 4 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري کائن آڏي پڇا شروع ڪري ڏني آهي، قتل ڪيل دانش جي پيء رٽائرڊ اي ايس آء عبدالرئوف جمالي ٻڌايو ته اڳيان 125 موٽر سائيڪل تي دلاور بوزدار هو ۽ سندس پٽ دانش الڳ پنهنجي موٽر سائيڪل تي هو 3 ڦورن دلاور بوزدار کي روڪي کائنس موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن مزاحمت ڪئي ۽ مٿان دانش اچي دلاور بوزدار سان گڏجي ڦورن سان مزاحمت ڪئي جنهن تي هٿياربندن منهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري مونسان وڏو ظلم ڪيو آهي. ڦل توڙي هاف فراء جي حوالي سان ڏوهارين خلاف دهشت جي علامت بڻيل ايس ايس پي عرفان احمد سمون 12  آڪٽوبر کان ايس ايس پي دادو جي چارج ڇڏي ٽريننگ تي ويل آهي، جنهن سبب دادو ضلعو هڪ هفتي کان بنا ايس ايس پي جي هلايو پيو وڃي، دادو لاء ٻن ايس ايس پيز بشير احمد بروهي ۽ عابد علي بلوچ جا نالا گردش ڪري رهيا آهن پر آخري اطلاعن تائين ايس ايس پي دادو جي مقرري لاء ڪنهن جو آڊر عمل ۾ ناهي آيو. هٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل دانش جمالي بي اي جو شاگرد هو ۽ تعليم سان گڏ فوڊ ڪمپني ۾ سيلز مين جو ڪم ڪندو هو ، معلوم ٿيو آهي ته والدين سندس ڪجھ مهينن ۾ شادي ڪرائڻ لاء تياريون ڪري رهيا هئا.