خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ محبوب ڪلھوڙو ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڳوٺاڻي کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، قتل ڪيس مان پنج جوابدار آزاد، عورت کي زخمي ڪرڻ تي 7، 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. خبر موجب خيرپور ۾ ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ ڪچي واري ٿاڻي محبوب ڪلھوڙو جي حد ڳوٺ بکو ڊرگھه ۾ 11 سيپٽمبر 2003 تي پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ڪيل حاجي احمد علي ڊرگھه جي قتل ۽ جوابدارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل جوابدار عزيز الله ۽ ولي محمد ڊرگھه واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، جنهن دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل عبدالرشيد، حاڪم علي، محمد نواز، عزيز الله ۽ حسين بخش ڊرگھه جو مقتول حاجي احمد علي جي وارثن سان ٺاھ سبب کين آزاد ڪيو ويو. جڏھن ته واقعي ۾ زخمي ٿيل عورت مسمات بادشاھزادي ڌيءَ محمد پناھ کي زخمي ڪرڻ وارو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت پنجن ئي جوابدارن کي  7، 7 سال قيد ۽ 30، 30 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي پوليس پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻي ڇڏيو.