سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ انڪروچمينٽ خلاف جسقم اڳواڻ عالم ڪيريو پاران سول ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڌرين پيش ٿي شھر مان انڪروچمينٽ ختم ڪرائڻ لاءِ پمفليٽ ورهائڻ ۽ لائوڊ اسپيڪرن تي پڙهو ڏيڻ سميت دڪاندارن کي حدبندي جا نشان هڻي ڏيڻ جي رپورٽ جمع ڪرائي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته اي سي سڪرنڊ پاران انڪروچمينٽ ڊپارٽمينٽ کي شهر جي سمورن روڊن، چوڪن چوراهن ۽ بازارن ۾ ڪيل حددخلين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ۽ انڪروچمينٽ ڊپارٽمينٽ ايندڙ ٻن ڏينهن اندر شھر مان حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪندي، عدالت 26 آڪٽوبر تائين انڪروچمينٽ خلاف ڪاروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.