خانپور مھر (رپورٽ: شاد مھر) خانپورمھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لنڊي ٽوڙي ۾ جوابدار رشتي کان انڪار تي گھر اندر داخل ٿي ماني پچائيندڙ پنھنجي سڳي سئوٽ کي پستول جا فائر  ڪري قتل ڪري ڇڏيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي. ان ڏس ۾ خانپور مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لنڊي ٽوڙيءَ ۾جوابدار رفيق پنھيار گھر اندر گھڙي پنھنجي سڳي سئوٽ 19 ورھين جي سائره پنھيار کي پستول جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد موقعي تان فرار ٿي ويو. ناري پنھنجي گھر ۾ ماني پچائي رھي ھئي ته جوابدار مٿس فائر ڪيا. واقعي جي اطلاع تي خانپور مھر پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. مقتولا ناريءَ جي والد لال محمد پنھيار ٻڌايو ته رفيق پنھيار ھن جو ڀائيٽو آھي، جيڪو سندس نياڻي جي سڱ جي تقاضا ڪندو رهندو هو پر هن جي ٻئي ھنڌ مڱڻي ٿيل ھئي سڱ نه ڏيڻ تان ھن ڌي سائره کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن ناري سائرہ پنهيار جي قتل ٿيڻ واري واقعي تي سندس مڱيندي شھباز پنھيار کي بيھوشيءَ جا دؤرا پئجي رھيا ھئا. ھوڏانھن خانپورمھر پوليس مقتولا جي والد جي فرياد تي جوابدار رفيق پنھيار خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آهي. ھوڏانھن خانپور مھر ٿاڻي جي وڏي منشي سعيد شر ٻڌايو ته ناري جي وارثن موجب جوابدار رشتي کان انڪار تي ھن گھر اندر داخل ٿي سائرهکي گوليون ھڻي قتل ڪيو.