ٽنڊو ڄام ( رپورٽ مبين مگسي) سنڌ زرعي تحقيقي اداري جي زرعي سائنسدانن ۽ ڊي جي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي  وئي آهي، جن هڪ ٻئي تي سنگين الزام هڻي ڇڏيا آهن. سائنسدانن جي تنظيم جي اڳواڻن احتجاج ڪري ڊي جي آفيس جو گھيرو ڪيو.ان ڏس ۾ سنڌ زرعي تحقيقي اداري جي زرعي سائينسدانن جي چونڊيل تنظيم سارسا پاران زرعي تحقيقي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ جي آفيس جو گھرائو ڪري احتجاجي ڪيو ويو، احتجاج ۾ زرعي تحقيقي اداري جي مرد توڙي عورت آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج کي خطاب ڪندي زرعي سائينسدانن جي تنظيم سارسا جي صدر عبدالحفيظ ٻٻر، اريم ٿيٻو نصير ڪاتيار ۽ ٻين چيو ته ادري ۾ ڪرپشن جي بازار لڳي پئي آهي، هنن چيو ته زرعي تحقيقي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ هر سيڪشنل هيڊ کان صوبائي وزير جي نالي تي هر مهيني ڀتو وٺي صوبائي وزير کي پهچائي ٿو، هنن چيو اداري ۾ صوبائي وزير جي نالي تي آفيسرن کان ڀتو ورتو پيو وڃي، پر ڪيرپڇڻ وارو ناهي، هنن ڊي جي ريسرچ مٿان سنگين الزام مڙهندي چيو ته ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ عورت آفيسرن جي عزت نٿو ڪري سندس آفيسن ۾ ائين ئي هليو ٿو وڃي، عورت آفيسر اريم ٿيٻو چيو ته کيس ڊي ڊي او مقرر ڪندي ئي 80 هزار منٿلي گُهري وئي جڏهن تي کيس رڳو ڪوارٽر بجيٽ ۾ 25 هزار مليا گهريا 80 هزار ويا ، هن چيو ته مينگو فيسٽيول جي چئي 50 لک بجٽ  ڪڍائي وئي پر مينگو فيسٽيول نه ٿيو، اداري ۾ پراجيڪٽ جي نالي تي ڪروڙين رپيا ورتا ويا پر هڪ به پراجيڪٽ پورو نه ٿيو آهي، ٻئي پاسي ڊي جي مٿان سنگين الزام مڙهڻ بعد ڊي جي ريسرچ جي حامي  لطيف گروپ  پاران پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سارسا جي صدر حفيظ ٻٻر ڊي جي ريسرچ کان حلف برداري لاءِ ڀتي جي گهر ڪئي نه ڏيڻ تي ڊي جي ريسرچ کي ڌمڪايو ويو هنن پنهنجي پڌرائي ۾ چيو ته اريم ٿيٻو گوسڙو ملازم آهي ڊي جي پاران کيس ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته احتجاج ڪري ڪوڙا الزام هنيا ويا آهن.