لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڊويزن لاڙڪاڻو جي صدر ۽ جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار  اعجاز  جکراڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻو سينٽرل جو ماحول ڪجهه ڏينهن خراب رهيو ڇاڪاڻ سينٽرل ۽ ڊسٽرڪٽ جيل جي ماحول ۾ فرق آهي هتي ڊسٽرڪٽ جيل کي سينٽرل جو درجو ڏنو ويو آهي جتي جيل اندر موبائيل جي استعمال سان ڏوهه وڌي رهيا هئا تنهن ڪري ڪجهه قيدين کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو ۽ گهٽ قيدين جي ڪري حالتن تي ڪنٽرول ٿيو هن چيو ته جيل اندر قيدين وٽ سيخون ۽ لوهي راڊ هئا ڪنهن جو نقصان ٿيڻ نه پيا چاهيون تنهن ڪري رينجرز کي طلب ڪيو ويو. هن چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جو دورو ڪيو جتي هاڻي ماحول ڪافي بهتر آهي ڇاڪاڻ قيدين جيل جي حالت خراب ڪري ڇڏي هئي انهن وڙهڻ لاءِ ڪيترو ئي سامان پاڻ وٽ رکيو هو جتان 400 موبائيل فونون ۽ منشيات به هٿ آيو آهي. هن چيو ته سينٽرل جيل اندر ايس او پيز ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن حالتن تي ضابطو اچي ويندو تنهن کان پوءِ ڪجهه قيدين کي واپس آندو ويندو. هن چيو ته تلاءُ ۾ هڪ مڇي خراب هوندي آهي ته تلاءُ خراب ٿيندو آهي هتي به ائين ئي ٿيو آهي ۽ ذميوارن خلاف انڪوائري بعد ڪاروائي به ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي صلاحڪار چيو ته حالتون خراب تڏهن ٿينديون جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ۽ پي ٽي آءِ چيو هو ته هو آءِ ايم ايف وٽ نه ويندا هاڻي ملڪ ۾ مهانگائي جا ذميوار به پي ٽي آءِ وارا آهن ڇاڪاڻ انهن وٽ ڪو به پلان نه هيو، آءِ ايم ايف جي مشڪل شرطن کي پي ٽي آءِ ڇو قبوليو پر انشاءَ الله تمام جلد مهانگائي تي ڪنٽرول ڪنداسين ڇاڪاڻ اسان کي به تڪليف آهي ۽ آءِ ايم ايف اسان جي مجبوري آهي، هڪ طرف عوام آهي ته ٻئي پاسي سريلنڪا جون حالتون نظر اچي رهيون آهن، هن وقت پاڪستان جي پاليسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور جهڙي آهي ۽ ڪافي بهتر آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي مڪاني چونڊن جي حوالي سان مضبوط اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن ڪافي تڪن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پوري سنڌ مان سوڀاري ٿيندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جو نالو وٺڻ سان شهيدن جو به ذڪر ٿيندو آهي ڇاڪاڻ هي شهيدن جو شهر آهي.