اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومتي اتحادين ۽ پي ڊي ايم پارٽين جي اجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو ته اتحادي جماعتونسڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف خلاف گڏجي جلسا ڪنديون، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ۽ پ پ حيدرآباد ۽ سکر ۾ جلسا ڪندي. جي يو آءِ پشاور ۾، پختونخواهه ميپ ۽ بي اين پي مينگل ڪوئيٽا ۾ جلسا ڪندي، ن ليگ لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ جلسا ڪندي، جلسن ۾ اتحادي جماعتن جي سموري قيادت شريڪ ٿيندي.