اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي، اليڪشن ڪميشن آڏو به احتجاج ڪرڻ کان روڪيو ويندو، ٻئي ڪنهن هنڌ يا مخصوص جاءِ تي احتجاج ڪيو وڃي ڪنهن قانون هٿ ۾ کنيو ته سختي سان منهن ڏنو ويندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن آڏو اڄ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.