اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي بلن ذريعي اضافي فيول سرچارج جي مد ۾ بل اچڻ جو اعتراف ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي بجلي وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري رانا ارادت علي خان اعتراف ڪندي چيو ته اهو درست آهي ته بجلي بلن ۾ تمام گهڻو اضافي فيول ايڊجسٽمينٽ چارج وصول ڪيو ويو آهي پر ايندڙ مهيني کان فيول ايڊجسٽمينٽ چارج گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو، اگر فيول ايڊجسٽمينٽ  چارج وصول نه ڪيون ها ته بجلي شعبي جو گردشي قرض وڌي وڃي ها، جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته 2500 رپيا بجلي جو بل اچي  ٿو ته 1800 فيول ايڊجسٽمينٽ چارچ لڳائي وڃي ٿي، فهميده مرزا چيو ته بجلي جي بلن تي مختلف ٽيڪسن غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي جي ماڻهن لاءِ به بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي.