حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٽنڊي قيصر واسين سميت مختلف ڌرين مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو. ڪراچي جي علائقي قائد آباد جي رهواسڻ مسرت زال معشوق چانڊيو مڙس جي ظلم خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته مڙس بدپيشو ڪرڻ تي مجبور ڪندو هو ۽ انڪار تي مٿس وحشياڻو تشدد ڪندو هو. انصاف ڪيو وڃي. حيدرآباد جي بيواهه عورتن زڪوات فنڊ مان وظيفي واري رقم نه ملڻ خلاف بيواهه عورتن مسمات سڪينه، مسمات مريم، مسمات سيما ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل 16 مهينن کان فنڊ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي زڪوات کاتي جا عملدار وظيفو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن جڏهن ته هر ٽئين مهيني کين زڪوات فنڊ مان وظيفو ملندو هو جنهن مان هو گهر جو گذر بسر ڪنديون هيون. هاڻي لاڳيتو 16 مهينن کان وظيفو نه ملڻ سبب هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن. معذور ماڻهن پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف 26هين ڏينهن به خالد سومرو، فاروق احمد ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ڳوٺ ٽنڊو قيصر جي رهواسي نظاماڻي برادري جي ماڻهن نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شير محمد نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته زمين جي مالڪي واري معاملي تان بااثر ماڻهن جي چرچ تي اڻڄاتل ماڻهن پسٽل جا فائر ڪري 4 ڏينهن اڳ نوجوان زمان کي قتل ڪيو هو. واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ باوجود پٻڻ پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري.