لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي سيڪيورٽي انچارج سلطان ڀٽو جي فرياد تي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بجلي جي فراهمي بند هئڻ خلاف شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان ڌرڻو هڻندڙ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي 18 شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊيوٽي اٽڪاءَ، قتل جي ڌمڪي، هنگامي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.وقار کوسو، اويس ڏاهاڻي، صداقت ڪمب، يار محمد عباسي، فرمان کوسو، مجاهد مري، عمر آرائين، ابراهيم سومرو، سجاد پنهور، وڪيل جکراڻي ۽ عرفان کوسو سميت 7 اڻ سڃاتل شاگردن کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي.فريادي موقف اختيار ڪيو ته 6 سيپٽمبر رات اٺين وڳي 17 کان 18 شاگردن وائيس چانسلر گيٽ کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدارن گارگند ڏيندي چيو ته اسان جي هاسٽلن جي بجلي ڪو نه ٿي هلي ۽ اسان سان هاٿاپائي ڪري چوڻ لڳا ته وائيس چانسلر کي ٻاهر ڪڍو نه ته اسان سندس کي گهر ۾ گهڙي مارينداسون جو اسان کين ٻڌايو ته واپڊا فيڊر خراب آهي جيڪو ٺيڪ ٿيڻ تي بجلي اچي ويندي. ان تي سڀني جوابدارن اسان جي ڳالهه سمجهڻ بدران گهٽ وڌ گار گند ڪندي اسان کي ڌڪا ڏئي ويندي چوندا ويا ته اڄ توهان کي ڇڏيون ٿا جيڪڏهن بجلي نه ٺهي ته ٻيهر آياسون ته توهان کي ۽ توهان جي وي سي کي ماري خون ڪنداسون. ٻئي پاسي اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪاروائي ڪندي 7 شاگردن کي گرفتار ڪرڻ بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن يونيورسٽي جي انچارج رجسٽرار عبدالرئوف خاصخيلي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ هاسٽل ۾ عارضي طور چانڊڪا اسٽاف ڪالونيءَ جي رهائشين کي ترسايو آهي، جتي يونيورسٽي سان لاڳاپيل ادارن ۽ هاسٽلن کي تازين برساتن جي ڪري ليٽر جاري ڪري اڻڄاتل مدي تائين بند ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته آصفه ڊينٽل ڪاليج ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ڪجهه شاگردن انتشار ڦهلائيندي پهريون مارئي هاسٽل ۾ وڃي هنگامو ڪيو ۽ بعد ۾هٿيار هٿن ۾ کڻي وائيس چانسلر گيٽ تي نعري بازي ڪئي ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي رستا روڪ ڪئي جڏهن ته سيڪريٽريٽ ۽ وي سيءَ جي رهائش تي موجود سيڪيورٽي عملي دروازا نه کوليا ته وائيس چانسلر جي رهائشگاهه جي ڀرسان رهندڙ پروفيسر امر لعل گربخشاڻي تي تشدد ڪيو. ان بعد مڇريل شاگردن وائيس چانسلر کي قتل ڪرڻ جي نعريبازي پڻ ڪئي. ٻئي پاسي شاگرد اسامه نظير ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان هاسٽل مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بجلي فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو جنهن تي يونيورسٽي انتظاميه اسان مٿان حملي جا الزام لڳائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري 7 شاگردن کي گرفتار ڪرايو آهي. هنن ٻڌايو ته شاگردن مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن جيڪڏهن يونيورسٽي انتظاميه وٽ ڪي ثبوت يا سي سي ٽي وي فوٽيجز آهن ته سامهون آڻين. اسين وس وارن کان گهر ٿا ڪريون ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي شاگردن مٿان داخل ڪيس ختم ڪري گرفتار شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي.