حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءُ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ هن وقت صدي جي سڀ کان وڏي بدترين قدرتي آفت کي منهن پيو ڏي. لکن جي تعداد ۾ ماڻهو حڪومت ۽ سرندي وارن ڏانهن ڏسي رهيا آهن پر هڪ ماڻهو جيڪو عدليا، فوج ۽ ملڪ سان وڙهي رهيو آهي ڇا ڪو محب وطن ماڻهو ان حالتن ۾ اسٽيج تي ناچ گانو ڪري سگهي ٿو. عمران خان ادارن جي خلاف اربين رپيا سوشل ميڊيا تي خرچ ڪري رهيو آهي. عمران اهو ماڻهو آهي جيڪو سئو چوها کائي ٻلي حج تي پئي وڃي. شهباز هال حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ دوران سنڌ ۾ 601 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 11 هزار 550 ماڻهو زخمي ٿيا. هن چيو ته سنڌ ۾ 16 لک 87 هزار 659 گهر متاثر آهن. متاثر ٿيندڙ گهرن مان 5 لک گهر مڪمل طور ڊهي پٽ ٿيا. 47 هزار 72 ڍور به مري ويا آهن. 941 تعلقه ۽ 1104 يونين ڪائونسلون متاثر ٿيو. هن چيو ته متاثرين لاءِ هن وقت 2 هزار 31 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه متاثرين جو وڏو انگ مختلف هنڌن تي به رهائش پذير آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متاثرين ۾ 14 لک 610 ٽينٽ ورهائي کين 9 لک 23 هزار 255 مڇردانيون به فراهم ڪيون ويون آهن. سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي جي صورتحال تي ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوٽڙي بئراج وٽ هن وقت 6 لک 40 هزار 127 ڪيوسڪ پاڻي جو ريلو گذري رهيو آهي جڏهن ته هاڻي منڇر ڍنڍ ۾ به پاڻي جي سطح 123 آر ايل تائين پهتي آهي. شرجيل انعام ميمڻ فلاحي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته هو پي ڊي ايم اي جي ڪنٽرول روم سان رابطو ڪرڻ بعد متاثرين ۾ سامان ورهائين ڇاڪاڻ ته اڄ به اهڙو واقعو پيش آيو آهي جتي ٽرڪ مان متاثرين پاران سامان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته پي ڊي ايم اي سان رابطي کانپوءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر ۽ سندن ايس ايس پي سان رابطو ڪرايو ويندو ته جيئن کين سيڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي. شرجيل انعام چيو ته تعلقي ٻهراڙي ۾ 30 يونين ڪائونسلون پاڻي ۾ ٻڏل آهن جتي پاڻي گهٽ ٿي رهيو آهي اتي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. منڇر سميت مختلف واهن ۽ ڪئنالن کي ڪٽ ڏيڻ واري پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو وزيراعليٰ سنڌ يا ڪو وزير نه ڪندو. اهو معاملو آبپاشي جا ماهر فيصلو ڪري بعد ۾ ڪندا. زراعت مڪمل طور ويهي رهي آهي. ڦٽي ختم ٿيڻ سان گڏ ڀاڄيون به ختم ٿي ويون آهن جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته 50 کان 60 هزار ايڪڙ تي فصل پوکڻ لاءِ خرچ کپندو.