بهرام (ن پ ا) بهرام ٽائون جي 5 وارڊن جي پ پ اميدوارن  هڪ سرائي ممتازعلي کوکر، 2 ڊاڪٽر احمد علي بروهي،  3  منير علي مگسي،  4 دامن علي تينو، 5 خان محمد مغيري کي کٽائڻ لاءِ پ پ ايم پي اي نادر علي  خان مگسي،مير مقدوم خان ، نويد حسن بروهي ،نانو شھمير خان، ڊاڪٽر غلام حيدر کوکر ۽ ٻين سان گڏ قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ احمد خان،گل محمد بروهي سميت مختلف علائقن ۾ اليڪشن ورڪ ڪيو، جڏهن ته  ورڪ دوران نادر مگسي تحريڪ لبيڪ جي اميدوار  محمد ابراهيم  ۽ آزاد اميدوار حبدار علي مگسي کي پ پ اميدوارن جي حق  ۾ رٽائرڊ ڪرايو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي نادر مگسي چيو ته 26جون فتح تير جي ٿيندي. هوڏانهن  آزاد اميدوارن  مشتاق احمد بروهي ،خدابخش کوکر،عامرعلي کوکر ،وزير علي مغيري ،نسيم الدين چانڊيو ۽ ٻين پڻ چونڊ ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي.