مٽياري (رپورٽر) مٽياري ضلعي ۾ مڪاني چونڊون مونجهاري جو شڪار ٿي ويون آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي جا جيالا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آن،پارٽي پاران هڪ به اميدوار کي ٽڪيٽ نه ملي سگهي آهي، مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي سلسلي ۾ مٽياري ۾ اميدوارن  جي اسڪروٽني وارو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، مٽياري تعلقي جي 10يونين ڪائونسلن ۽ ٽن ٽائون ڪاميٽين  تي اسڪروٽني  جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڄاڻايل 10 يونين ڪائونسلز چيئرمين /وائس چيئرمين تي صرف ھڪ يونين ڪائونسل يوسي نمبر 25 تي هڪ اميدوار جو فارم جو رد  ٿيو آهي،  جڏهن مذڪوره يونين ڪائونسلز ۾ جنرل ڪائونسلر تي 21 ميمبرن جا فارم رد ٿيا آهن. ضلعي ڪائونسل تي 8 ميمبرن جافارم رد ٿيا آهن، ٻئي طرف ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال اسٽيشن تي وارڊ هڪ ۽ ٻه تي هڪ هڪ اميدوار جو فارم رد ٿيو آهي، ۽ وارڊ ٽي تي ڪنهن به اميدوار جو فارم رد نه ٿيو آهي، جنهن بعد اميدوارن پاران اپيلن ۾ وڃڻ جو سلسلو جاري ٿيندو،