اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي چونڊن ۾ دير بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي چونڊن ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عرفان قادر دليل ڏيندي چيو ته ڪوشش آهي پنهنجي ڳالهه مختصر رکان، چيف جسٽس چيو توهان ڪيتري دير دليل ڏيندئو؟ وڪيل چيو ته مان ڪوشش ڪندس 30 منٽن ۾ پنهنجي ڳالهه پوري ڪيان. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن جج تي اعتراض هجي ته بئنچ کان الڳ ٿي ويندو آهي، هڪ پاسي هڪ جماعت ٻئي پاسي سڀ جماعتون آهن، بئنچ کي جانبدار چيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي ۾ به فل ڪورٽ جو مطالبو ڪري چڪي آهي، فل ڪورٽ تي عدالت پنهنجي راءِ ڏئي چڪي آهي. عرفان قادر چيو ته عدالت تي عدم اعتماد نه انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، عدالت جو هڪ فيصلو اڳ ئي تڪرار جو شڪار آهي، في الحال انصاف ٿيندي نظر نه پيو اچي، ممڪن آهي ڪجهه غلط فهمي هجي، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو فيصلو ڪميشن تي ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مارچ جو عدالتي حڪم اقيلتي نوٽ هو، عدالت ان تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، فيصلي جي شرح جو تڪرار ججن جو اندروني معاملو ناهي، درخواستون خارج ڪندڙ ججن کي به بئنچ ۾ شامل ڪيو وڃي، سرڪلر سان عدالتي فيصلي تي اثر نٿو وجهي سگهجي، چيف جسٽس پنهنجي سرڪلر تي پاڻ جج نٿو بڻجي سگهي، عوام جو عدليا تي اعتماد هجڻ لازمي آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هڪ گروپ جي بنيادي حقن تي اڪثريت جي حقن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، قومي مفاد آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ۾ آهي، آئين ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي، ملڪ ۾ ڪيترن ئي سالن کان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون گڏ ٿينديون آهن، ملڪ ۾ چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن، ان سان مالي طور به بچت ٿيندي. چيف جسٽس چيو ته آئين واضح آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، پي ٽي آءِ ۽ حڪومت قوم خاطر سياسي ڊائلاگ شروع ڪن، ڪو حل ڪڍن، ڊائلاگ نه ٿو ٿئي ته آئيني مشينري موجود آهي، ملڪ ۾ ڪو به ڊائلاگ نه پيو ٿئي، سمورو بار وفاقي حڪومت تي آهي، چونڊون گڏ ڪرائڻ جو آئيڊيا زبردست آهي، حڪومت خاطري ڪرائي ته سوچي سگهجي ٿو، الزام هنيا پيا وڃن، ماڻهو من پسند ججز کان فيصلو ڪرائڻ چاهين ٿا، اليڪشن ۾ ڪا بدمزگي ٿي ته ملبو سپريم ڪورٽ تي ڪرندو، عوام کي مشڪل ۾ وجهڻ نه ٿا چاهيون، سياسي ڳالهين جو آپشن ان ڪري ڏنو آهي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عرفان قادر دليل ڏيندي چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سپريم ڪورٽ جو نه پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، سياسي جماعتن جو مطالبو آهي ته فل ڪورٽ جوڙي وڃي، پهرين مارچ وارو عدالتي حڪم اقليتي نوٽ هو، عرفان قادر چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي پاڻمرادي نوٽيس وارن ڪيسز تي ٻڌڻي روڪي ڇڏي آهي، درخواستون خارج ڪندڙ 4 ججز کي به بينچ ۾ شامل ڪيو وڃي، سرڪيولر سان عدالتي فيصلو ختم نه ٿو ڪري سگهجي، عرفان قادر چيف جسٽس سان ڳالهائيندي چيو ته جناب چيف جسٽس سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ بڻيل آهي، چيف جسٽس جي حق ۾ درخواستن تي صحيحون پيون ٿين، چيف جسٽس عرفان قادر کي جواب ڏيندي چيو ته اسان مولا کان خير ٿا گهرون. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون ڪنهن کي به اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو اختيار نه ٿو ڏئي، عدالت ئي اليڪشن جي تاريخ اڳتي وڌائي سگهي ٿي، هٿياربند فوجن ۾ رڳو آرمي نه پر ايئرفورس ۽ نيوي به شامل آهن، ٻئي فورسز شدت پسندي خلاف مصروف ناهن ته انهن کي به چونڊن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، عدالت دفاع واري سيڪريٽري کي چيو ته پنجاب ۾ سيڪيورٽي جي ڇا صورتحال آهي، دفاع واري سيڪريٽري چيو ته اها انتهائي حساس معلومات آهي، اوپن ڪورٽ ۾ نه ٿو ٻڌائي سگهان، اسان ڪورٽ ۾ ڪجهه ڳالهائينداسين ته دشمن معلومات ليڪ ڪري سگهي ٿو، چيف جسٽس  سيڪيورٽي بابت سيل ٿيل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس ناڻي واري ايڊيشنل سيڪريٽري سان ڳالهائيندي چيو ته درخواست گذار جي وڪيل موجب اسيمبلي ميمبرز کي 170 ارب روپيا ڏنا ويا آهن، جسٽس منيب اختر چيو ته 20 ارب روپيا ڏيڻا پون ته ڇا کربين روپين جي بجيٽ وارو ملڪ اها رقم نه ٿو ڏئي سگهي؟ چيف جسٽس چيو ته پيٽروليم شين تي حڪومت جو خسارو 157 ارب هو، خسارو 177 ارب ٿي وڃي ها ته ڇا ٿئي ها، ايڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود چيو ته آءِ ايم ايف سان خسارو طئي ٿي چڪو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا بچت ڪري پئسا بچائي نه ٿا سگهجن؟ پگهارن ۾ 5 سيڪڙو ڪٽوتي ڪريو ۽ ان جي شروعات ججن کان ڪيو. ٻڌڻي دوران وفاقي سرڪار پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي، اٽارني جنرل نئين بينچ جوڙڻ واري استدعا تي ٻڌل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي، 7 صفحن تي ٻڌل متفرق درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي نه هلائي، پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي نه هلائيندڙ ججز تي ٻڌل بينچ جوڙي وڃي، اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته رجسٽرار آفيس مان جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي تي هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ويو، عدالتي حڪم يا فيصلي کي انتظامي سرڪيولر سان ختم نه ٿو ڪري سگهجي، عدالتي حڪم نظرثاني يا ڪالعدم ٿيڻ تي ئي ختم ٿي سگهي ٿو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سرڪيولر سان ڪنهن فيصلي کي واپس نه ورتو ويو آهي، فيصلي ۾ انتظامي هدايتون ڏنيون ويون هيون، جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي ۾ پاڻمرادي نوٽيس جون ڪارروائيون روڪڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي.