لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان آئيني تاريخ جي ٻه واٽي تي بيٺو آهي، ملڪ ترڪيه بڻجي سگهي ٿو يا ميانمار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، اسان وٽ صرف 2 رستا ئي آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف آئين، قانون ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺي آهي، عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته جمهوريت جو ساٿ ڏيڻو آهي يا ڪرپٽ مافيا، جهنگ جي قانون ۽ فسطائيت جو ساٿ ڏيڻو آهي. عمران خان چيو ته زرداري ۽ نوازشريف وٽ پئسا آهن پر عزت ناهي، لنڊن جي مهانگي ترين  علائقي ۾ ويهي روز گاريون کائي رهيا آهن. زمان پارڪ ۾ ڪارڪنن سان گڏ افطار ڊنر کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته طاقتور پئسو خرچ ڪري عزت ڪمائي سگهي ها ته زرداري ۽ نوازشريف سڀني کان وڌيڪ عزت وارا هجن ها، ڪنهن کي عزت ڏيڻ صرف الله تعليٰ جي هٿ ۾ آهي.